سيالڪوٽ: دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ مان 50 سيڪڙو ڪرپشن ختم ٿي وڃي ته اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوي.
سيالڪوٽ ۾ چيمبر آف ڪامرس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته صنعتي برادري جي سمورن مسئلن کان بخوبي آگاهه آهيان، ملڪ هن وقت خطرناڪ صورتحال کان گذري رهيو آهي، آءِ ايم ايف جو پريشر آهي پر هڪ روشني نظر اچڻ شروع ٿي وئي آهي، سمورا اشارا مثبت اچي رهيا آهن.
خواجه آصف چيو ته اسان آهسته آهسته مايوسي جي دور مان نڪري چڪا آهيون پر اڃان به گهڻيون رڪاوٽون پار ڪرڻيون آهن. ڪجهه اهڙا فيصلا آهن جيڪي اسان پنهنجي مجبورين جي ڪري نٿا ڪري سگهون، معاشي مجبوريون ڪنهن وقت تي وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هونديون آهن.
هن چيو ته ڪو سوچي به نٿي سگهيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ مثالي بڻجندي، اسان جا ٻيا اشارا به مثبت اچي رهيا آهن. مهانگائي سنگل ڊيجٽ تي اچي وئي آهي. هن وقت پاڪستان کي مختلف چيلنجز کي منهن ڏيڻو آهي پر وقت سان گڏوگڏ مسئلا حل ٿي ويندا آهن.
وفاقي وزير چيو ته نان ڪسٽم گاڏين جي تمام وڏي اسمگلنگ آهي، حلال ۽ حرام جو فرق ختم ٿي ويو آهي، پرويز الاهي ٻڌايو ته هڪ بيورو ڪريٽ ٻارڙين جي شادي ۾ 4 ارب روپين جي سلامي ڪمائي، هڪ ڪسٽم ڪليڪٽر ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري ٿو.
هن چيو ته گذريل دور ۾ ملڪ ۾ وڏي ڪرپشن ٿي، جيڪڏهن 50 سيڪڙو ڪرپشن ختم ٿي وڃي ته اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوي