چيمپيئنز ٽرافي سميت 2027 تائين پاڪ، ڀارت ميچن لاءِ هائبرڊ ماڊل تي اتفاق

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۽ غير جانبدار هنڌ تي ٿيندي.آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪ ڀارت فيوزن فارمولي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڪندو.پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ چيمپيئنز ٽرافي جو فارمولو به طئي ٿي ويو آهي، 2027ع تائين ٻئي ٽيمون هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ کيڏي ويندڙ آءِ سي سي ايونٽ جي ميچ غير جانبدار هنڌ تي کيڏنديون.آءِ سي سي آخرڪار چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي حوالي سان ڊگهي عرصي کان جاري تعطل کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.معاهدي موجب 8 ٽيمن تي ٻڌل ان ايونٽ ۾ ڀارت جون ميچون نيوٽرل وين تي کيڏيون وينديون، جڏهن ته ڀارت جي ميزباني ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ميچون به نيوٽرل وين تي کيڏيون وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔