گورنر صوبائي حڪومت کان استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پشاور: خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صوبائي حڪومت کان امن امان جي خراب صورتحال تي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور هٿياربند ٿي اسلام آباد تي چڙهائي ڇو ڪئي هئي؟ اسلام آباد ۾ رينجرز اهلڪارن کي شهيد ڪيو ويو، صوبائي حڪومت صوبي کي برباد ڪري رهي آهي. هن چيو ته پارا چنار جي صورتحال تي خيبرپختونخواهه حڪومت بي وس نظر اچي رهي آهي وفاقي ۽ صوبي کي امن امان جي صورتحال تي ڪنهن به قسم جي دلچسپي نه آهي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي ڪيس داخل ٿيڻ گهرجن، سمورو ڪي پي ڪي سڙي رهيو آهي ته ڇا هاڻ پنجاب جي سرحد پري آهي؟ خيبرپختونخواهه جي گورنر وڌيڪ چيو ته امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي اهڙي صورتحال کان پوءِ صوبائي حڪومت کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔