آءِ ايم ايف پي آءِ اي نجڪاري لاءِ سيلز ٽيڪس ڇوٽ سميت ٻيا مطالبا مڃي ورتا

اسلام آباد: آءِ ايم ايف پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ سيلز ٽيڪس ڇوٽ ۽ ايڪويٽي لاسز ختم ڪرڻ جي لاءِ سمورا مطالبا مڃي ورتا.

ذريعن موجب پي آءِ اي جي خريدار پارٽي کي نيشنل ۽ انٽرنيشنل روٽس جي لاءِ جهاز خريد ڪرڻ يا ليز تي ڏيڻ جي لاءِ سيلز ٽيڪس ڇوٽ ڏني ويندي. اهڙي طرح سيلز ٽيڪس ڇوٽ ملڻ ۽ نقصان ختم ٿيڻ سان بڊنگ 250 ارب روپين کان وٺي 350 ارب روپين تائين وڃي سگهي ٿي.

پي آءِ اي جو تقريبن 660 ارب روپين جو قرض حڪومت پنهنجي ذمي کڻي هولڊنگ ڪمپني ۾ اسٽاڪ ڪري ڇڏيو آهي. انهي کان علاوه پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ روز ويلٽ هوٽل جي وڪرو سان ملندڙ رقم کي ادائيگيون ڪرڻ جي لاءِ سيٽل ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني جي قرض کي سيٽل ڪرڻ جي لاءِ به آءِ ايم ايف طرفان منظوري ڏني وئي آهي. روز ويلٽ هوٽل جي وڪرو لاءِ 6 مهينن ۾ جوائنٽ وينچر قائم ڪري تقريبن هڪ ارب ڊالر تائين وڪرو ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. انهي سلسلي ۾ وزيراعظم کي پي آءِ اي جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ، نقصان ختم ۽ روز ويلٽ هوٽل جي وڪرو لاءِ جوائنٽ وينچر تي بريفنگ به ڏني وئي آهي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پهريان آءِ ايم ايف طرفان صرف انٽرنيشنل روٽس جي لاءِ جهازن جي خريداري يا ليز تي سيلز ٽيڪس ڇوٽ جي اجازت ڏني وئي هئي جنهن کان پوءِ ٻيهر درخواست ڏيڻ تي مقامي روٽس جي لاءِ جهازن جي خريداري ۽ ليز تي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سيلز ٽيڪس ڇوٽ جي رعايت به ڏني وئي آهي. پي آءِ اي جي ليز تي جهازن کي ماهوار تقريبن 81 لک روپين تائين سيلز ٽيڪس ڇوٽ جي سهوليت ملي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔