تالي جي هيٺان ننڍو سوراخ ڇو هوندو آهي؟

تالا ته لڳ ڀڳ هر گھر ۾ ئي استعمال ٿيندا آهن پر ڇا اوهان ڪڏهن ان جي هيٺان موجود ننڍڙي سوراخ کي ڏسي سوچيو آهي ته ان جو مقصد ڇا آهي؟

ٿي سگھي ٿو ته اوهان ان تي غور نه ڪيو هجي ڇو جو اهو تمام ننڍڙو سوراخ هوندو آهي.

پر جيڪڏهن ڏسي ڪري به سمجهه ۾ نه آيو هجي ته اهو سوراخ ڇو آهي ته ڄاڻي وٺو ته اهو گھڻو اهم هوندو آهي.

گھڻن تالن کي گھر جي ٻاهران در ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ اهي مختلف موسمياتي حالتن جهڙوڪ برسات کي منهن ڏيندا آهن.

تالن ۾ موجود ننڍو سوراخ برساتي  پاڻي جي نيڪاليءَ جو ڪم ڪندو  آهي.

جي ها واقعي جيڪڏهن اهو سوراخ نه هجي ته برسات جو پاڻي تالي جي اندروني حصي کي ڪَٽُ چاڙهي خراب ڪري سگھي ٿو.

ان ننڍي سوراخ مان پاڻي خارج ٿيندو آهي ۽ تالي جو اندروني حصو جام ناهي ٿيندو.

اهڙيءَ طرح اهو ننڍو سوراخ تالي کي هر موسم سان مقابلو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي ۽ اهي برسات، برفباري يا ٻين حالتن ۾ به ٺيڪ طريقي سان ڪم ڪندا رهندا آهن.

برساتي پاڻي جي نيڪالي سان گڏوگڏ اهو ننڍو سوراخ تالي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۾ به مدد فراهم ڪندو آهي.

يعني جيڪڏهن تالي ۾ چاٻي ڦاسي وڃي يا چابي اندر داخل ٿيندي ڦاسڻ لڳي ته تيل کي ان سوراخ ۾ وجهڻ سان چاٻي کي استعمال ڪرڻ سولو ٿي ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔