توشه خانا ڪيس 2، پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي : توشه خانه 2 ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين ۽ سندس گهر واري بشرا بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي.عمران خان ۽ بشرا بي بي خلاف توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جي سربراهي ۾ ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کان علاوه اڳوڻي خاتون اول بشرا بي بي به اڊيالا جيل ۾ موجود هئي.خاص عدالت جي جج شاهه رخ ارجمند ڪيس جي چارج شيٽ پڙهي ٻڌائي، جنهن بعد توشه خانه 2 ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔