هانگ ڪانگ : هانگ ڪانگ سپر سڪسز ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.پاڪستان ڪوارٽر فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 17 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 105 رنسون ٺاهيون، محمد اخلاق 16 بالن تي 53 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته حسين طلعت 11 بالن تي 27 رنسون ٺاهيون.106 رنسن جي جواب ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم چئن وڪيٽن جي نقصان تي 88 رنسون ٺاهيون، پاڪستان طرفان حسين طلعت 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.هانگ ڪانگ سپر سڪسز جا سيمي فائنل ۽ فائنل سڀاڻي کيڏيا ويندا.گذريل ڏينهن کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان روايتي حریف ڀارت کي به شڪست ڏني هئي.