سڀ هجڻ باوجود زندگيءَ ۾ سڪون نه مليو، الله ڏانهن رجوع ڪيو: اداڪار زاهد احمد

ڪراچي: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار زاهد احمد چيو آهي ته دولت ۽ شهرت ملڻ بعد به جڏهن کيس زندگي ۾ سڪون نه مليو ته هن الله جي حڪم موجب زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو.زاهد احمد تازو هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جنهن ۾ هن عزت، دولت ۽ شهرت حاصل ڪرڻ کان پوءِ به زندگيءَ ۾ سڪون نه ملڻ سبب پنهنجي شخصيت ۾ آيل تبديليءَ بابت ڳالهايو شو دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته زندگي ۾ سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي باوجود به مان بيزار آهيان. اداڪاره جو چوڻ هو ته مون زندگي ۾ امن جي ڳولا ۾ گهڻو ڪجهه ڪيو پر بيچيني ڪنهن به صورت ۾ دور نه ٿي رهي هئي ان ڪري الله تعاليٰ کان دعا آهي ته مون کي پنهنجي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪري.هن وڌيڪ ٻڌايو ته مون جڏهن الله جي حڪم موجب زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو ته هاڻي گذريل 6 کان 7 سالن کان روزانو 5 وقت نماز باقائدگي سان پڙهندو آهيان.زاهد احمد چيو ته الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ کانپوءِ مان پنهنجي زندگي ۾ سڪون محسوس ڪرڻ لڳو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔