هانگ ڪانگ: سپر سڪسز ۾ پاڪستان روايتي حريف ڀارت کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. هانگ ڪانگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 6 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 119 رنسون ٺاهيون ۽ گرين ڪيپس کي فتح لاءِ 120 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات آصف علي ۽ اخلاق احمد ڪئي ۽ ٻنهي رانديگرن ڀارتي بالرز کي خوب ڪٽڪو ڏيندي بغير ڪنهن وڪيٽ جي هدف پورو ڪيو. آصف علي 14 بالن تي 55 رنز جي اننگ کيڏي ۽ سندس ساٿ ڏيندڙ اوپنر محمد اخلاق 12 بالن تي 40 رنسون ٺاهيون. آصف علي جي آئوٽ ٿيڻ بعد ڪپتان فهيم اشرف لڳاتار 3 ڇڪا هڻي ميچ کٽي ورتي. پاڪستان ٽاس کٽي ڀارت کي بيٽنگ ڏني، پهرين اوور ۾ ڀارتي ڪپتان رابن اوٿاپا 27 رنسون ٺاهيون، پر ٻئي اوور ۾ پاڪستاني ڪپتان فهيم اشرف 2 وڪيٽون وٺي پاڪستان کي گيم ۾ واپس اندو. ڀارت چپلي 16 بالن تي 53 ناٽ آئوٽ ۽ منوج تيواري 7 بالن تي 17 رنسون ٺاهيون. ياد رهي ته هانگ ڪانگ سڪسز، آءِ سي سي پاران منظور ڪيل ايونٽ آهي، جيڪو 1992 کان منعقد ٿئي پيو. هن تورنامنٽ ۾ هر ٽيم جا 6 رانديگر هوندا آهن. ڪل 12 ٽيمون آهن جن مان هر 3 ٽيمون هڪ گروپ ۾ شامل آهن. انڊيا، پاڪستان ۽ يو اي اي ساڳئي گروپ ۾ آهن. ڀارتي ٽيم جي ڪپتاني رابن اوٿاپا ڪري رهيو آهي. 2007 ۾ پاڪستان کي ڀارت شڪست ڏئي ڪپ کٽيو هو پر هن ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 5 ڀيرا پاڪستان چيمپئن رهيو آهي. ڪو به رانديگر 2 اوورن کان وڌيڪ نه ڪرائيندو آهي ۽ هڪ اوور وڪيٽ ڪيپر تي ڪرائڻ لازم هوندو آهي. آصف علي پنهنجي ٻئي ففٽي مڪمل ڪئي. هڪ اوور باقي هو ته پاڪستان گهربل ٽارگيٽ 5 اوورز ۾ پورو ڪيو. ڀارت کي ٽورنامنٽ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هر حال ۾ يو اي اي کان ميچ کٽڻي پوندي. پاڪستان ڀارت کان اڳ يو اي اي کي به هارائي چڪو آهي. هر گروپ جون ٻه ٽاپ ٽيمون ڪوارٽر فائنل ۾ کيڏنديون.