ملتان ٽيسٽ: انگلينڊ جي ٽيم 291 رنسن تي آل آئوٽ، پاڪستان ٻئي اننگز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 70 رنسون ٺاهي ورتيون

ملتان: پاڪستان جي خلاف ٻئين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن انگلينڊ جي ٽيم 291 رنسن تي آل آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ پاڪستاني ٽيم به ٻئي اننگز  پريشانين جو شڪار آهي 70 رنسن تي پاڪستاني ٽيم جا 4 رانديگر آئوٽ ٿي ويا آهن. ميزبان ٽيم کي 153 رنسن جي برتري حاصل آهي

ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ راند جي اختتام تي 6 وڪيٽن جي نقصان تي 239 رنسن کان اننگز جي شروعات ڪئي ته صرف 52 رنسن جي اضافي کان پوءِ انگلينڊ جي ٽيم 291 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. بريڊن ڪارس 4، ميٿيو پوٽس 6، جيمي اسمٿ 21، شعيب بشير 9 رنسن جا مهمان ثابت ٿيا جڏهن ته ليچ 25 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان طرفان ساجد خان 7 ۽ نعمان علي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پاڪستان پنهنجي ٻئي اننگز شروع ڪئي ته عبدالله شفيق هڪ دفعو ٻيهر ناڪام رهيو ۽ 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. ڪپتان شان مسعود به صرف 11، صائم ايوب 22 رنسن جا مهمان ثابت ٿيا. پهرين اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ ڪامران غلام 26 رنسون ٺاهي جيڪ ليچ جو شڪار بڻيو.انگيلنڊ طرفان شعيب بشير 3 جڏهن ته جيڪ ليچ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔