ايشين چيمپين هاڪي ٽورنامينٽ: چين پاڪستان کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو

بيجنگ: ايشين چيمپين ٽرافي هاڪي جي سيمي فائنل  ميچ ۾ چين پاڪستان کي پنالٽي شوٽس تي 0-2 تان شڪست ڏئي فائنل تائين پهچ حاصل ڪري ورتي آهي.

هاڪي چيمپين ٽرافي جو پهريون سيمي فائنل اڄ پاڪستان ۽ ميزبان چين وچ ۾ کيڏيو ويو، راند جي ٻئي ئي ڪوارٽر ۾ چين طرفان لويوانلن گول ڪري پنهنجي ٽيم کي برتري ڏياري

ميچ جي ٻئي ڪوارٽر ۾ پاڪستان جي احمد نديم مقابلو برابر ڪري ڇڏيو جيڪو آخر تائين برابر رهيو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ مقرر وقت جي دوران ميچ هڪ هڪ گول سان برابر رهيو جنهن کان پوءِ پنالٽي شوٽس تي ميچ جو فيصلو ڪيو ويو.

پنالٽي شوٽس ۾ پاڪستان ڪوبه گول نه ڪري سگهيو جڏهن ته چين 2 گول ڪري فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي. ياد رهي ته انهي کان اڳ رائونڊ ميچ ۾ پاڪستان چين کي 1-5 تان شڪست ڏني هئي، ٽورنامينٽ جو ٻيون سيمي فائنل انڊيا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔