بابر کي چيمپيئنز ٽرافي تائين رهڻ ڏنو وڃي،ڪامران اڪمل

لاهور:اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر ڪامران اڪمل ڪپتان جي تبديلي تي سوال اٿاريا.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته جڏهن به هيوي ويٽس اچن ٿا ته ڪپتان بدلائڻ جي ڳالهه ڇو ٿا ڪن، ڇا ڪپتان سندن پسنديده ناهي ۽ هو پنهنجي پسند جو ڪپتان چاهين ٿا؟ هن چيو ته ايشيا ڪپ، ون ڊي ورلڊ ڪپ ۽ ٽي 20 ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ به ڪپتان ۾ تبديلي ڇو نه ٿي؟ ڇا فائدو ٿيندو؟ بابر اعظم کي چيمپيئنز ٽرافي تائين رهڻ ڏيو، ان سان ڪهڙو فرق پوي ٿو.ڪامران اڪمل چيو ته منهنجو هڪ سوال آهي ته ڇا نئون ڪپتان روهت شرما، ويرات ڪوهلي، اسٽيو سمٿ ۽ مچل اسٽارڪ کي آڻي ٽيم کي مضبوط ڪندو؟انهن رانديگرن کي کيڏڻو آهي ۽ انهن کي هڪ ئي سسٽم ۾ کيڏڻو آهي، مان چوان ٿو ته ڪپتان، ڪوچ، سليڪٽر سڀ پنهنجو نظام بهتر ڪن، پنهنجي سوچ تبديل ڪن، جيڪڏهن انهن کي هڪ ئي سسٽم ۾ کيڏڻو آهي ته ان جو ڪو فائدو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پهريان پنهنجو قبلو درست ڪريو، ڏسو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۽ ڪلب ڪرڪيٽ ۾ ڇا ٿيندو هو، جيڪڏهن بنياد نه درست ڪيا ويا ته اهڙيون غلطيون ٿينديون رهنديون ۽ ڪپتان جي تبديلي سان ڪڏهن به فرق نه پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔