انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 45 پئسا، ڪاروبار جي مثبت شروعات

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر 3 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر 278 رپيا 45 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 42 پئسا تي هو.ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي مثبت شروعات ٿي، جيڪا بعد ۾ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 37 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 608 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 78 هزار 571 پوائنٽس تي بند ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔