علي ظفر پاران اولمپڪس گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم لاءِ روڪ انعام جو اعلان

ڪراچي: سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندڙ ارشد نديم لاءِ جڳ مشهور پاڪستاني راڳي علي ظفر روڪ انعام جو اعلان ڪيو آهي.

اولمپڪس ۾ جيولين ٿرو جي مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽي تاريخ رقم ڪندڙ ارشد نديم لاءِ علي ظفر سوشل ميڊيا تي انعام جو اعلان ڪيو

پنهنجي پيغام ۾ علي ظفر انفرادي طور پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊيل کٽيندڙ ايٿيلٽ کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته مان علي زي فائونڊيشن طرفان سندس لاءِ هڪ ملين انعامي رقم جو اعلان ڪيان ٿو.

علي ظفر پنهنجي پيغام حڪومت ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي درخواست ڪئي ته حڪومت کي ارشد نديم جو هيرو جيان استقبال ڪرڻ گهرجي ۽ سندس نالي تي اسپورٽس اڪيڊمي قائم ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔