سون مسلسل ٽئين ڏينهن به سستو ٿي ويو

ڪراچي : ملڪ ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن سون جي قيمتن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون پنج سئو رپيا سستو ٿيڻ بعد 2 لک 55 هزار 5 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 429 رپيا لاٿ بعد 2 لک 19 هزار 50 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 17 ڊالر چاڙهه بعد 2 هزار 393 ڊالر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔