85 ڪلاڪ هلندڙ آءِ پي پيز کي ساليانو 49 ارب روپيه ادا ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: سيڪريٽري پاور ڊويزن سينيٽ ڪميٽي ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جي ملازمن کي سوا ارب روپين جي ماهوار مفت بجلي ڏيندا آهيون، 85 ڪلاڪ هلندڙ آءِ پي پيز کي ساليانو 49 ارب روپيه ادا ڪيا ويندا آهن.

سينيٽ جي قائمه ڪميٽي توانائي جو اجلاس چيئرمين محسن عزيز جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ توانائي واري وزير اويس لغاري چيو ته ڊسڪوز جي ملازمن کي ملندڙ مفت يونٽس کي ختم ڪري انهن جي جڳهه رقم ڏيڻ جي منظوري ڏني هئي پر عدالت انهي معاملي تي حڪم امتناعي ڏئي ڇڏيو آهي.

سيڪريٽري پاور ڊويزن ٻڌايو ته ڊسڪوز ملازمن کي هڪ ارب 30 ڪروڙ روپين جي ماهوار بجلي  جا مفت يونٽ ڏيندا آهيون، اندازن 78 هزار روپين جي ماهوار بجلي هڪ ملازم کي ملندي آهي.

اويس لغاري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي آءِ پي پيز جي معاهدن جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهيون، اڄ اسان وٽ آءِ پي پيز جي مڪمل آڊٽ جي گنجائش موجود آهي. آءِ پي پيز کي سمورو سال ادائيگيون ڪيون وينديون آهن. 1845 ميگاواٽ جي آءِ پي پيز صرف 85 ڪلاڪ هلندي آهي، اهڙن پلانٽس کي 49 ارب روپيه ساليانو ادا ڪيا ويندا آهن.

سيڪريٽري پاور ڊويزن چيو ته هڪ پلانٽ جيڪڏهن سمورو سال بند رهيو تڏهن به انهي کي ڪيپسٽي پيمنٽ ملندي ڇو ته انهي پلانٽ کي هلائڻ اسان برداشت نٿا ڪري سگهون، اهي پلانٽس اسان جي ميرٽ آرڊر تي پورا ناهن لٿا.

توانائي واري وزير چيو ته بجلي جي قيمت وڌيڪ هجڻ سبب ماڻهو متبادل تي هليا ويندا آهن. هن سال 6 هزار  ميگاواٽ جا سولر پينل امپورٽ ڪيا ويا اهي سڀ ماڻهو آف گرڊ ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔