ايران جي درخواست تي گهرايل او آءِ سي اجلاس، اسحاق ڊار اڄ جده روانو ٿيندو

اسلام آباد: پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اڄ شام جده روانو ٿيندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره موجب او آءِ سي اجلاس اسلامي جمهوريه ايران ۽ فلسطين جي درخواست تي گهرايو پيو وڃي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي شام جده ۾ ٿيندو. اجلاس جو ايجنڊا 2 نڪتن تي ٻڌل آهي.

ممتاز زهره بلوچ چيو هو ته اجلاس ۾ فلسطين ۽ ٻين علاقائي رياستن جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.، فلسطيني ڪاز جي لاءِ پاڪستان هميشه عالمي فورمز تي آواز اٿارڻ ۾ سرفهرست رهيو آهي.

هن ٻڌايو ته ايجنڊا ۾ پهريون ايٽم فلسطيني عوام جي خلاف قابض اسرائيل جي ڏوهه جو تسلسل آهي، جڏهن ته ٻيون ايجنڊا قابض اسرائيل جي ايران جي سالميت جي خلاف جارحيت آهي.

ترجمان وڌيڪ چيو ته اسحاق ڊار غزه ۽ وچ اوڀر جي خراب صورتحال تي پاڪستان جي خدشن جو اظهار ڪندو. پرڏيهي وزير امن جي فوري ضرورت ۽ غزه جي ماڻهن کي امداد جي فراهمي تي زور ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔