صدر آصف زرداري اليڪشن ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  صدر آصف علي زرداري اليڪشن ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي.

اليڪشن ترميمي بل جي ذريعي اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 140 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.

صدر آصف علي زرداري بل جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 جي تحت ڏني. ترميم کان پوءِ اليڪشن ٽربيونل ۾ حاضر سروس جج جي مقرري جي صورت ۾ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مشاورت ڪئي ويندي.

صدر آصف زرداري جي منظوري کان پوءِ اليڪشن ترميمي بل ايڪٽ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. ياد رهي ته اليڪشن ترميمي بل قومي اسيمبلي مان 28 جون ۽ سينيٽ مان 8 جولاءِ تي منظور ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔