پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ فواد چوڌريءَ تي توهين اليڪشن ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي
اڊياله جيل ۾ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي، پي ٽي آءِ جو باني ۽ اڳوڻو وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني بئنچ آڏو پيش ٿيا
جوابدارن کي فرد جرم پڙهي ٻڌايو ويو، جوابدارن طرفان چارج شيٽ ۾ لڳل الزامن کان انڪار ڪيو ويو
اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف جيل ٽرائل جي منظوري ڏني وئي هئي