رشميڪا جي جعلي وڊيو، هندستاني حڪومت پاران سخت قانون لاڳو

ممبئي: بالي ووڊ اداڪاره رشميڪا مندانا جي جعلي غير اخلاقي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ حڪومت سوشل ميڊيا لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي

نئين هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جا جيڪي به پليٽ فارمز “ڊيپ فيڪ وڊيوز” (جعلي وڊيوز) ٺاهيندو يا ڦهلائيندو ان خلاف قانوني ڪارروائي ۽ ڏنڊ لڳايو ويندو

ايڊوائيزري موجب ڪمپيوٽر ۽ ٻين ڪميونيڪيشن اوزارن کي استعمال ڪري جعلي وڊيو ڦهلائيندڙن کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک رپين تائين ڏنڊ لڳندو

اداڪاره رشميڪا ڦهليل جعلي وڊيو کي انتهائي ڀوائتو عمل قرار ڏنو هو. هوڏانهن بالي ووڊ جي شهنشاهه اميتاڀ بچن سميت ٻين بالي ووڊ اسٽارز ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن رشميڪا مندانا جي جعلي وڊيو ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي سان گڏوگڏ مصنوعي ذهانت ۽ ٽيڪنالاجي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔