نگران وڏي وزير ۽ گهرو وزير جي اسٽاف آفيسر جي گاڏي سان حادثو، رشيد چنه سميت 3 زخمي

گهوٽڪي/ميرپور ماٿيلو: نگران وڏي وزير ۽ گهرو وزير جي پرنسل اسٽاف آفيسر جي گاڏي سان حادثو پيش آيو آهي

پوليس موجب نگران وڏي وزير ۽ گهرو وزير جي پي ايس او جي ڪار بيريئر سان ٽڪرائجي وئي

گاڏي ۾ وڏي وزير جو ترجمان رشيد چنو به موجود هو، حادثي ۾ رشيد چنو، گهرو وزير جو پي ايس او ۽ ڊرائيور زخمي ٿيا آهن

زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آندو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔