آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾260 هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي آهي
آءِ ايس پي آر موجب دشمن قوتن جي اشاري تي ڪم ڪندڙ دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي پوري رياستي طاقت سان منهن ڏيڻ جو عزم ورجايو ويو
ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪي خودمختياري ۽ سلامتي کي درپيش سڌن ۽ اڻ سڌن خطرن کي منهن ڏيڻ ۽ ڀرپور دفاع جي عزم جو اظهار ڪيو ويو
آرمي چيف چيو آهي ته فلسطيني عوام کي پاڪستاني قوم جي مڪمل سفارتي، اخلاقي ۽ سياسي حمايت حاصل آهي
آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج غير قانوني معاشي سرگرمين خلاف جاري ڪارروائين ۾ حڪومت جي مدد جاري رکندي