لاهور ۾ ٽرانسپورٽرن ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: مسافرن جي لاءِ وڏي خوشخبري سامهون اچي وئي آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي هدايتن تي تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو ريليف عوام تائين منتقل ڪرڻ جي شروعات ٿي وئي آهي. ضلعي انتظاميه طرفان موٽر ٽرانسپورٽ فيڊريشن جي عهديدارن سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.

موٽر ٽرانسپورٽ فيڊريشن ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو لاٿ ڪندي. پرائيويٽ اڏن تان هلندڙ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به 10 سيڪڙو لاٿ ڪئي ويندي

ڊي سي لاهور رافعه حيدر چيو آهي ته موٽر ٽرانسپورٽ فيڊريشن ڀاڙن ۾ فوري طور لاٿ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. تيل جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان عام واهپي جي شين ۽ سفر لاءِ گاڏين جي ڀاڙن ۾ به گهٽتائي ايندي.

هن وڌيڪ چيو ته پيٽروليم شيون سستيون ٿيڻ تي ڪاروباري ماڻهو ٻين مصنوعات جي شين جي قيمتن ۾ به گهٽتائي آڻيندا. پنجاب جي وڏي وزير جي هدايتن کان پوءِ عوام تائين هر ممڪن ريليف پهچائڻ جي لاءِ ڪوشان آهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔