جيل ٽرائل خلاف شاهه محمود قريشي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به جيل ٽرائل خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

شاهه محمود قريشي عدالت کان 9 آڪٽوبر جي ٽرائيل ڪورٽ جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ اڄ ئي درخواست تي ٻڌڻي جي استدعا ڪئي آهي.

درخواست ۾ موقف اپنايو ويو آهي ته عدالت ٽرائيل ڪورٽ کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان روڪي، بنا ڪنهن نوٽيفڪيشن جي منهنجو جيل ٽرائيل جاري آهي ان ڪري عدالت جيل ٽرائيل کان روڪي اوپن ٽرائل جي هدايت ڪري. شاهه محمود قريشي بيرسٽر تيمور ملڪ ۽ فائزه اسد ذريعي درخواست داخل ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔