آءِ ايم ايف جي شرط: حڪومت گيس 100 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي

اسلام آباد: حڪومت آءِ ايم ايف جي شرط تي عمل ڪندي سياري کان اڳ گيس مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.

هڪ طرف پيٽرول سستو ڪري عوام کي ريليف ته ٻئي طرف حڪومت گيس جون قيمتون وڌائڻ جو فيصلو ڪري مهانگائي جي پيسيل عوام تي نئون بم ڪيرائڻ جي خواهشمند آهي.

حڪومت عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) جي شرط تي گيس 100 سيڪڙو مهانگي ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب اقتصادي رابطه ڪميٽي لاءِ سمري تيار ڪئي وئي آهي. اي سي سي طرفان حتمي منظوري ملڻ کان پوءِ پهرين آڪٽوبر کان فيصلو لاڳو ٿيندو.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گيس جون قيمتون نه وڌائڻ سان 185 ارب روپين جو شارٽ فال وڌندو. گهريلو صارفين لاءِ آر ايل اين جي جون قيمتون نه وڌايون ويون نه شارٽ فال 21 ارب تائين وڌي سگهي ٿو.

ذريعن موجب هلندڙ مالي سال جي ختم ٿيڻ تائين گيس جي گردشي قرض ۾ 46 ارب روپين جي اضافي جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف گيس سيڪٽر جي گردشي قرض ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔