ملڪ ۾ سون هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ في تولو سون ٻه ڏينهن لڳاتار گهٽتائي کانپوءِ اڄ هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سون 4 هزار 900 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد في تولو سون 2 لک 2 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت به 4 هزار 201 رپين جي اضافي بعد 1 لک 73 هزار 182 رپيا ٿي وئي آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 46 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد في اونس 1938 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔