سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو: نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو: نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، سنڌ حڪومت صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي

نوٽيفڪيشن موجب ڊي جي رينجرز جي سفارش تي صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي ٽن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وئي

نوٽيفڪيشن موجب پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ڊيوٽي وقت پابندي کان آجا هوندا، سيڪيورٽي گارڊ صرف ڊيوٽي واري جاءِ تي هٿيار کڻي سگهندا

ان سلسلي ۾ گهرو کاتي طرفان پوليس کي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔