ڪراچي : شاهه فيصل ڪالوني ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مزدورن سميت 4 ڄڻا فوت

ڪراچي: ڪراچي ۾ تعمير هيٺ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مزدورن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب شاهه فيصل ڪالوني نمبر 5 ۾  حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن تعمير هيٺ هڪ گهر جي 2 ماڙ عمارت تي ٽئين ماڙ جي ڇت وڌي پئي وئي. ڇت ڪرڻ سبب ملبي ۾ دٻجي ويلن مان 5 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو. شروعاتي ڄاڻ موجب گهر جي ڪرندڙ ڇت ٽائلن ۽ ڀيم جي ٺهيل هئي، اکين ڏٺين شاهد مزدورن موجب واقعي وقت 8 کان 9 ماڻهو عمارت ۾  موجود هئا جن ۾ مستري ۽ ريتي چاڙهڻ وارا مزدور به شامل آهن.

پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب ٽن زخمين اسپتال ۾ دم ڏنو. جڏهن ته جڳهه تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جو چوڻ آهي ته اسان جا ڪيترائي ساٿي پورهيت اڃان تائين ملبي هيٺيان دٻيل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ مشينري طلب ڪئي وئي آهي. جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو امڪان پڻ ڏيکاريو ويو آهي.  

عمارت ڪرڻ سبب ٻارن جون شيون وڪرو ڪندڙ هڪ شخص به ملبي هيٺيان دٻجي ٿڏي تي فوت ٿي ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر موجب حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪجهه مزدور ملبي هيٺيان دٻيل آهن جن جي فوت ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري شاهه فيصل ڪالوني ۾ تعمير هيٺ عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب مزدورن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي فوتين لاءِ مغفرت ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن  ڪراچي جي ڪمشنر کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔