سائفر ڪيس: شاهه محمود قريشي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست رد

لاهور:سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت قائم خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين شاهه محمود قريشي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد ۾ سيڪريٽ ايڪٽ جي تحت قائم خصوصي عدالت ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل گوهر علي خان دليل ڏيندي چيو ته سيڪريٽ ايڪٽ قانون 1923ع جي تحت سائفر پنهنجو پاڻ وٽ رکڻ ڏوهه نه آهي. سيڪريٽ ايڪٽ 2023 ۾ سائفر پنهنجي تحويل ۾ رکڻ ڏوهه آهي پر اهو قانون به اڃان لاڳو نه ٿيو آهي.

وڪيل علي بخاري شاهه محمود قريشي جي  ضمانت واري درخواست تي دليل ڏيندي چيو ته جيڪڏهن  عدالت مان ڪو دستاويز گم ٿي وڃي ته صرف جج  کان انڪوائري نه ٿيندي آهي، سائفر آيو، پرڏيهي وزير مون کي ٻڌايو. ذميواري آهي ته ڪابينه کي ٻڌايو وڃي.

جج ابوالحسنات پڇاڻو ڪيو ته جڏهن سائفر مليو ته پوءِ ڪيڏانهن ويو؟ وڪيل شعيب شاهين چيو ته ڊاڪيومينٽ پرڏيهي وزارت ۾ آهي. سائفر جي ذميواري وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جي آهي. جج ابوالحسنات چيو ته منهنجي اسٽاف وٽ به ڪجهه ايندو آهي ته مون کي ڏسڻو پوندو آهي. شعيب شاهين چيو ته وزيراعظم آفيس ۾ آيل دستاويز سنڀالڻ وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري جو ڪم آهي.

اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور عدالت جي ڪمري ۾ پي ٽي آءِ وڪيلن جي انگ تي اعتراض اٿاريو. شاهه خاور چيو ته سائفر ڪيس جي ان ڪيمرا ٻڌڻي آهي، پي ٽي آءِ وڪيل وڊيوز ٺاهيندا آهن. غير لاڳاپيل ماڻهن کي عدالت جي ڪمري مان ڪڍيو وڃي يا حلف ورتو وڃي. جج ابوالحسنات ذوالقرنين غير لاڳاپيل ماڻهن کي عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

جنهن کان پوءِ عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو. عدالت ڪجهه دير کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ شاهه محمود قريشي جي ضمانت واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔