سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور

اسلام آباد جي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت سائفر ڪيس ۾ اسد عمر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، اسد عمر کي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

عدالت فيصلي ۾ چيو ته اسد عمر جي خواهش باوجود پراسيڪيوشن کيس جاچ ۾ شامل نه ڪيو، گرفتاري گهربل هجي ته ايف آءِ اي اڳواٽ آگاهه ڪري، جيڪڏهن گرفتاري گهربل هوندي ته ايف آءِ اي اسد عمر کي پهريان آگاهه ڪندي

جج ابوالحسنات ذوالقرنين رمارڪس  ڏنا ته  پراسيڪيوشن موجب اسد عمر خلاف اڃا تائين ثبوت ناهي، اسد عمر پاڻ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪورٽ اسد عمر جي ضمانت ڪنفرم ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔