سيڪريٽ عدالت جو جج موڪل تي: سائفر ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي

اسلام آباد: سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي موڪل تي هجڻ سبب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ملتوي ڪئي وئي آهي.

جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي موڪل تي هجڻ جي باري ۾ عدالتي عملي پي ٽي آءِ وڪيلن کي آگاهه ڪري ڇڏيو. سيڪريٽ عدالت جي جج جي موڪلڻ تي هجڻ سبب سائفر ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي 11 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته اڄ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي وڪيلن کي سائفر ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست تي دليل ڏيڻا هئا.

گذريل هفتي سيڪريٽ عدالت جو جج ابوالحسنات ذوالقرنين گهر واري جي طبيعت خراب هجڻ سبب موڪل تي روانو ٿي ويو هو جنهن سبب ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي هئي. جنهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ياد رهي ته پي ٽي آ چيئرمين عمران خان کي 5 آگسٽ تي توشه خانه ڪيس ۾ 3 سالن جي سزا ٻڌائي وئي هئي جنهن کان پوءِ کيس گرفتار ڪري ڊسٽرڪٽ جيل اٽڪ منتقل ڪيو ويو هو. ايف آءِ اي عمران خان کي 19 آگسٽ تي سائفر گمشدگي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان کي ٽرائل ڪورٽ طرفان ملندڙ سزا معطل ڪري ڇڏي هئي پر سائفر ڪيس ۾ گرفتاري سبب آزادي ممڪن نه ٿي سگهي هئي جنهن جي خلاف پي ٽي آءِ طرفان ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔