سائيفرڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13سيپٽمبر تائين واڌ

سائيفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي

 سائيفر ڪيس جي اٽڪ جيل ۾ ٻڌڻي سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي، ايف آءِ اي جي اختيارين پاران پي ٽي آءِ چيئرمين کي اٽڪ جيل اندر قائم ڪيل اسپيشل ڪورٽ آڏو پيش ڪيو ويو

 ذريعن موجب ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ذوالفقار نقوي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل سلمان صفدر به عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان صفدر گرفتاري کانپوءِ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي

 سلمان صفدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي خلاف آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو ڪيس ٺهي ئي نه ٿو، مٿس سياسسي انتقام لاءِ سائيفر ڪيس  ٺاهيو ويو آهي، عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي جڊيشل ريمانڊ ۾ 13سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اهڙي حڪم بعد اسپيشل ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي سائيفر ڪيس ۾ قيد رکڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔