وفاقي ڪابينه اجلاس: جولاءِ ۽ آگسٽ جا بجلي بل قسطن ۾ وصول ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه بجلي جا جولاءِ ۽ آگسٽ جا بل قسطن ۾ ادا ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ بجلي جي وڌيڪ بلن، احتجاج ۽ عوام کي ريليف بابت ڳالهيون ڪيون ويون

اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان عوام کي ريليف ڏيڻ بابت ڪيتريون ئي تجويزون پيش ڪيون ويون جن تي بحث کان پوءِ وفاقي ڪابينه جولاءِ ۽ آگسٽ جا بلز قسطن ۾ وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب ڪابينه جي منظوري باوجود حتمي فيصلو آءِ ايم ايف جي منظوري کان پوءِ لاڳو ڪيو ويندو. هوڏانهن ڊسڪوز ۽ واپڊا جي ملازمن کي مفت بجلي ملڻ جو معاملو به ڪابينه جي اجلاس ۾ بحث هيٺ آندو ويو. نگران وزيراعظم جي هدايت تي ڊسڪوز ۽ واپڊا ملازمن کي مفت يونٽس ملڻ جو معاملو توانائي ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

پاور ڊويزن طرفان بجلي جي بلن جي ادائيگي قسطن ۾ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. ڳرن بلز جي ادائيگي سياري جي مهينن ۾ ادا ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي گهريلو صارفين کي بجلي جي بلز تي ون سليب بينيفٽ ڏيڻ جي به تجويز ڏني وئي. بجلي بلز تي سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس ختم ڪرڻ تي ناڻي واري وزارت کان راءِ وٺڻ جي تجويز ڏني وئي.

ذريعن موجب بجلي بلز تي 9 روپيه في يونٽ جي ايس ٽي لڳائي وئي آهي. بجلي جا بل گهٽ ڪرڻ لاءِ بازار ۽ آفيسون شام 6 وڳي بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔