بجلي مهانگي ٿيڻ خلاف عوامي احتجاج، نگران وزيراعظم هنگامي اجلاس سڏائي ورتو

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي مهانگي ٿيڻ خلاف زبردست عوامي احتجاج بعد هنگامي اجلاس سڏائي ورتو، نگران وزيراعظم پاران اڄ ڪوٺايل اجلاس ۾ بجليءَ جي اگهن ۽ واهپيدارن کي ملندڙ ڳرن بلن بابت غور ويچار ڪيو ويندو

وزيراعظم پاڻي ۽ بجلي واري وزارت ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيز کي تفصيلي بريفنگ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اجلاس ۾ واهپيدارن کي بجلي جي بلن جي حوالي سان وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ بابت مشاورت ڪئي ويندي

 پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ وزيرستان سميت مختلف علائقن ۾ شهرين جي احتجاج ۽ بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏيڻ جي واقعن بعد وزيراعظم نوٽيس ورتو، سکر ۾ به گذريل ڏينهن احتجاجي مظاهري دوران شهرين پاران بجليءَ جي بلن کي باهيون ڏنيون ويون

شهرين جو چوڻ آهي ته 2 پکا ۽ هڪ سيور استعمال ڪرڻ تي به 16 هزار روپيا بل ڇو پيو اچي؟ ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ٽي وي ٽيڪس به بجلي بلن ۾ ورتو پيو وڃي، ماڻهو ٽي وي استعمال ئي نٿا ڪن ته بجلي ڇو ڏين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔