اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا آصف زرداري سان دوستي کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي پراڻي دوست آصف زرداري سان ٻيهر دوستي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڳالهيون ڪندي ذوالفقار مرزا چيو ته پراڻن دوستن سان ٻيهر دوستي جي لاءِ ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي آهي آهي. مان به زرداري سان ٻيهر دوستي ڪرڻ نٿو چاهيان نه ئي ان وقت ايترو ٽائيم آهي.

ذوالققار مرزا چيو ته جيڪڏهن آصف زرداري سان منهنجي دوستي ٿي وئي ته ڪيترن ئي ماڻهن جون نوڪريون هليون وينديون.

چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي گهرو وزير چيو ته اڃان تائين چونڊ وڙهڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. بدين ۾ 8 سال اڳ اسپتال ٺاهيو هو پر هاڻ اتي ڪابه سهوليت نه آهي. حڪومت جي پرفارمنس جي سڀني کي خبر آهي ڪنهن به عام ماڻهو کان پڇي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔