نگران وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ شهباز شريف ۽ راجا رياض ۾ اڄ ٻيهر ملاقات ٿيندي

نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ اڄ ٻيهر ملاقات ٿي رهي آهي

گذريل ڏينهن پهرين ملاقات ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق نه ٿيو، اپوزيشن ليڊر پاران اڄ مشاورت ۾ اڳڀرائي ٿيڻ جي اُميد ظاهر ڪئي وئي آهي

 ذريعن موجب راجا رياض پاران تجويز ڪيل ٽن نالن ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو نالو شامل، پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم لاءِ جليل عباس جيلاني ۽ تصدق حسين جيلانيءَ جا نالا ڏئي چڪي

 تصدق حسين جيلاني 11 ڊسمبر 2013 کان 5 جولاءِ 2014ع تائين چيف جسٽس آف پاڪستان رھي چڪو آھي، جليل عباس جيلانيءَ پرڏيھي سيڪريٽري ۽ آمريڪا ۾ سفير رھي چڪو آھي، نون ليگ پاران نگران وزيراعظم لاءِ اڃا ڪي به نالا سامھون نه آيا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔