لاهور: پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي وڪيلن سان گڏ اٽڪ جيل پهچي وئي.
جيل انتظاميه بشريٰ بي بي کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وڪيلن شير افضل، نعيم پنجوتها ۽ علي اعجاز کي اجازت نه ملي سگهي.
بشريٰ بي بي 4 گاڏين تي ٻڌل قافلي سان گڏ اٽڪ جيل پهتي پوليس ناڪي تي گاڏين کي اڌ ڪلاڪ تائين روڪيو ويو. وڪيل نعيم پنجوتها چيو ته ملاقات جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اجازت ڏني آهي.
بشريٰ بي بي جي جيل پهچڻ تي اٽڪ جيل ٻاهران پوليس ۽ ايليٽ فورس جا دستا هاءِ الرٽ ڪيا ويا. بشريٰ بي بي کي پوليس ناڪي کان جيل طرف وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.