سنڌ جي 29 کاتن ۾ 762 فوتي ڪوٽا تي ڀرتين جي منظوري

سنڌ جي مختلف 29 کاتن ۾  762 فوتي ڪوٽا تي ملازمن  جي منظوري ڏني وئي آهي

چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت جي صدارت ۾ فوٽي ڪوٽا تي عمل لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ روينيو جا سينيئر  بورڊ ميمب، سيڪريٽري سروسز  ۽ ٻيا آفيسر شريڪ ٿيا

اجلاس دوران زراعت کاتي ۾ 28، روينيو ۾  12، ڪاليج ايجوڪيشن ۾ 32 ۽ فاريسٽ کاتي ۾ 11 جي منظوري ڏني وئي

چيف سيڪريٽري صحت کاتي جي 93، لائيو اسٽاڪ  ۾ 11، بلديات ۾ 61، پاپوليشن ويلفيئر ۾ 41 ملازمن جي منظوري ڏني

اجلاس دوران اسيڪول ايجوڪيشن ۾ 294، ورڪس اينڊ سروسز ۾ 46، پبلڪ هيلٿ ۾ 13 ملازمن جي منظوري ڏني وئي

چيف سيڪريٽري موجب فوتي ڪوٽا تي 2018 کان هيل تائين 13000 ملازمن جي وارثن کي نوڪريون ڏنيون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔