رضوانا جهڙن واقعن ۾ پڙهيل لکيل امير گھرن جا ماڻهو ملوث هوندا آهن: ماهرا خان

ڪراچي : فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته رضوانا تشدد ڪيس جهڙن واقعن ۾ ملوث پڙهيل لکيل ۽ امير گھرن جا ماڻهو هوندا آهن.

اداڪارا ماهرا خان سوشل ميڊيا تي رضوانا تشدد ڪيس تي ڳالهائيندي چيو ته اهڙن ڪيسن ۾ سدائين پڙهيل لکيل ۽ امير گھرن جا بااثر ماڻهو شامل هوندا آهن. اهي قانون کي پنهنجي گھر جو باندي سمجهندا آهن. کين خبر هوندي آهي ته هنن جو ڪو به احتساب نٿو ڪري سگھي ۽ انهن کي ضمانت به ملي وڃي ٿي. ٻارن کي ڪم ڪرائڻ غير اخلاقي ۽ غير قانوني ڪم آهي.

اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو ته ٻار ملڪ جو مستقبل هوندا آهن خدا جي لاءِ ان ڳالهه کي سمجهو ۽ ان کي روڪيو.

سندس چوڻ هو ته منهنجو اهو پيغام هر ماءُ پيءُ لاءِ آهي. جيڪي مجبوري سبب ٻارن کان ڪم ڪرائيندا آهن. ٻارن جي کيڏڻ پڙهڻ لکڻ جي عمر ۾ انهن کان ڪم نه ڪرائڻ گھرجي.

ماهرا خان جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سمجهدار ۽ خوشحال طبقي کان گذارش ڪريان ٿي ته رضوانا جهڙن ٻارن جو آواز بڻجو ۽ ضرورتمند ٻارن لاءِ اهڙا قدم کڻو ته جيئن اهي اهڙن واقعن کي منهن نه ڏين ۽ پنهنجي مستقبل کي روشن ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔