ڇا ورلڊ ڪپ ۾ بابر اعظم ڀارت لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو؟

ڀارتي ٽيم به ايشيا ڪپ ذريعي ورلڊ ڪپ جون تياريون شروع ڪرڻ واري آهي، ۽ ان سلسلي ۾ ڪپتان روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي کي ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي سيريز کانپوءِ آرام ڏنو ويو آهي ته جيئن هو ميگا ايونٽن ۾ مڪمل توانائي سان پرفارم ڪري سگهن.

جئين ته ايشيا ڪپ ۾ هڪ مهيني کان به گهٽ وقت بچو آهي ۽ هر گذريندڙ ڏينهن مداحن جي جوش ۽ جنون ۾ اضافو ڪري رهيو آهي، ايشائي ڪرڪيٽ ٽيمن جو سڀ کان وڏو ميلو ٽيهه آگسٽ کان پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ شروع ٿيندو جنهن ۾ ڇهه ايشيائي ٽيمون ايڪشن ۾ نظر اينديون.

ايشيا ڪپ ۾ شرڪت کان اڳ ڀارتي ٽيم جي تربيتي ڪيمپ 24 آگسٽ تي بئنگلورو ۾ لڳندي، جتي ميگا ايونٽ لاءِ اعلانيل سموري اسڪواڊ حصو وٺندي.

ايشيا ڪپ ڀارتي ٽيم لاءِ انڪري به اهميت رکي ٿو ڇو ته گذريل هڪ ڏهاڪي کان ڀارتي ٽيم ڪو به آءِ سي سي ايونٽ پنهنجي نالي ناهي ڪري سگهي،انڪري ڀارتي ٽيم پنهنجي مخالفن ٽيمن جي ڪمزورين کان ويندي انهن جي مين رانديگرن کي ٽارگيٽ بڻائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم کي جنهن رانديگر مان سڀ وڏو خطرو هوندو اِهو پاڪستاني ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم آهي، ڇاڪاڻ ته هو هن وقت ون ڊي ڪرڪيٽ جي عالمي رينڪنگ ۾ نمبر هڪ بيٽر آهي.

ون ڊي رينڪنگ جي ڳالهه ڪجي ته بابر اعظم کانسواءِ  پاڪستان جا ٻه ٻيا بيٽر به ٽاپ فائيو ۾ موجود آهن جنهن ۾ فخر زمان جو ٽيون ۽ امان الحق چوٿون نمبر آهي، جڏهن ته ڀارت جو ڪو به بيٽر شروعاتي پنج بيٽرن ۾ شامل ناهي، ان فهرست ۾ شُڀمَن گِل جو ستون، ويرات ڪوهلي جو نائون ۽ ڀارتي ڪپتان روهت شرما جو يارهون نمبر آهي.

بابر اعظم گذريل هڪ سال دوران ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪندو رهيو آهي، تنهنڪري هو ڀارت سميت ايشياڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ۾ شامل ٽيمن لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج هوندو، بابر اعظم هنيئر تائين هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ 18 سينچريون ۽ 26 ففٽيون اسڪور ڪري چڪو آهي.

گذريل هڪ سال دوران ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما جي ون ڊي ڪارڪردگي کي ڏٺو وڃي ته بابر اعظم  انهن کان گهڻو اڳتي نظر ايندو، بابر اعظم ان عرصي دوران يارنهن اننگز ۾ 69 جي ايوريج سان 647 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ هڪ سينچري ۽ ست ففٽيون به شامل آهن.

جتي ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما گذريل هڪ سال دوران ون ڊي ۾ 51 جي ايوريج سان 11 اننگز ۾ 461 رنسون ٺاهيون، اتي ويرات ڪوهلي 12 اننگز ۾ 50 جي ايوريج سان 554 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ اهي انگ اکر سندس ڀرپور فارم ۾ واپسي جو ثبوت آهن.

گذريل ورلڊ کان ون ڊي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ وارن رانديگرن جي فهرست ۾ بابر اعظم جو ٻيو نمبر آهي، هن چئن سالن جي عرصي دوران 28 اننگز ۾  اٺ سينچرين ۽ يارنهن ففٽين جي مدد سان 1876 رنسون ٺاهيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔