آرمي چيف عهدو سنڀاليندي ئي مون کي ملڪي ترقي جو پروگرام ڏنو: وزيراعظم

راولپنڊي: وزيراعظم ميان شهباز شريف چيو آهي ته قيامت تائين دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي. وزيراعظم شهباز شريف جي ايڇ ڪيو ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سڀاڻي اسان جي حڪومت جو مدو ختم ٿي ويندو. اسان جي وڃڻ کان اڳ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو گڏيل پلان وجود ۾ اچي چڪو آهي. آرمي چيف جنرل عاصم منير جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جنهن عهدو سنڀاليندي مون کي پاڪستان اڳيان وڌائڻ جو پروگرام ڏنو. آرمي چيف اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليبٽيشن ڪائونسل جي جوڙجڪ ۾ اسان جو هٿ ونڊايو.

شهباز شريف چيو ته شهيد ۽ غازي اسان جي لاءِ فخر آهن ۽ انهن جي عزت هر پاڪستان مٿان لازمي آهي. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته  اڄ اسان  جيڪڏهن امن ۽ آزادي سان گذاري رهيا آهيون اها انهن بهادر پٽن جي لازوال قربانين سبب آهي. قيامت تائين دشمن پاڪستان طرف ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي

وزيراعظم چيو ته  مان پاڪستان جي لاءِ پنهنجن پيارن جي قرباني ڏيڻ تي سندن گهر ڀاتين کي سلام پيش ڪريان ٿو. هاڻ اسان جو اهو فرض ٿئي ٿو ته اسان پنهنجن شهيدن ۽ غازين جي  عظيم قربانين جي عيوض هر پاڪستاني کي خوشحالي ۽ فلاح بهبود جو احساس ڏياريو جن ماڻهن شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي ڪئي.  انھن جا منھن ملڪي تاريخ ۾ هميشه ڪارا رهندا. پاڪستان جي عوام انهن کي ڪڏهن به نه وساريندي.

آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي الوداعي دوري تي  جي ايڇ ڪيو پهتو جتي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير وزيراعظم جو استقبال ڪيو.  وزيراعظم پرنسپل اسٽاف آفيسرز سان ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. جڏهن ته وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر به چاڙهي.

شهباز شريف آرمي آڊيٽوريم ۾ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ ڪوٺايل تقريب جو مهمان خاص به هو. هن شهيدن، غازين ۽ انهن جي خاندانن جي لاتعداد قربانين ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ ڏنل قربانين تي کين خراج تحسين پيش ڪيو.

وزيراعظم شهباز شريف شهيدن جي 70 خاندانن ۽ 30 جنگي زخمين ۾ خصوصي مالي امداد جا چيڪ ورهايا. شهيدن جي وارڊز ۾ انهن جي تعليمي سرگرمين جي تحت ليپ ٽاپ به ورهايا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔