عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ ۽ نوازشريف سان رنجشون ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اسٽيبلشمينٽ ۽ نوازشريف سان رنجشون ختم ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته ايترين رنجشن ۾ اسان اڳيان ڪيئن وڌنداسين ڇو ته هن وقت صورتحال معمول موجب نه آهي ان لاءِ چونڊن کان وڌيڪ اهم آهي ته اسان ملڪ جون حالتون معمول تي آڻيون

فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وڇوٽين ۽ رنجشن کي گهٽ ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ نوازشريف وچ ۾ رنجشن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيستائين اهي رنجشون گهٽ نه ٿينديون پاڪستان ۾ چونڊون ڪرائڻ ممڪن نه ٿيندو. چونڊون ٿي به ويون ته اهڙي صورتحال ۾ مسئلا ڪيئن حل ٿيندا.

اڳوڻي وزير چيو ته پاڪستان اندر جمهوريت ۽ چونڊن جو ماحول نه آهي. هن وقت فيصلو ڪرڻ جي ضرورت آهي  ته پاڪستان کي ڪيئن نارمل ڪرڻو آهي ان لاءِ چونڊن کان اڳ ميثاق جمهوريت ڪيو وڃي. ميثاق جمهوريت سان پي ٽي آءِ چيئرمين اسٽيبلشمينٽ ۽ نوازشريف ۾ رنجشون گهٽ ٿين. اهڙي چونڊن جو ڪهڙو فائدو جنهن سان مسئلا حل نه ٿين. ان کان بهتر آهي ته مجلس شوريٰ ٺاهي وڃي.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته شهباز شريف ۽ راجا رياض جي مرضي سان حڪومت بڻجندي ۽ هو چونڊون ڪرائيندا. پاڪستان جي مسئلن تي ته اسان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهيون اسان جا پاڻ ۾ جيڪي جهيڙا آهن اڃان تائين ان مان ئي ٻاهر نه نڪري رهيا آهيون. اهڙين اپاهج حالتن ۾ پاڪستان جو چونڊن طرف وڃڻ يا نه وڃڻ غير لاڳاپيل آهي ان لاءِ پهريان رنجشون ختم ڪرڻيون پونديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔