نسلا ٽاور ڪيس: عبوري ضمانت رد ٿيڻ تي اڳوڻو ڊي جي ايس بي سي اي منظور قادر گرفتار

ڪراچي: شاهراهه فيصل تي واقع نسلا ٽاور زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت رد ٿيڻ تي اڳوڻو ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي منظور قادر ڪاڪا ۽ اڳوڻي مختيارڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي منظور قادر ۽ اڳوڻي مختيارڪار خير محمد ڏاهري جي عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٿي

عدالت جوابدار اڳوڻي ڊي جي ايس بي سي اي منظور قادر ڪاڪا ۽ اڳوڻي مختيارڪار خير محمد جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي.

اينٽي ڪرپشن ڪورٽ نسلا ٽاور ايراضي ڪيس ۾ ٻنهي جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ٿيڻ کان پوءِ کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن کان پوءِ اينٽي ڪرپشن ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

سرڪاري وڪيل چيو آهي ته ٻنهي جوابدارن تي نسلا ٽاور جي زمين 700 گز مان وڌائي 11000 گز ڪرڻ جو الزام آهي. ياد رهي ته سپريم  ڪورٽ نسلا ٽاور جي غيرقانوني تعمير جو نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

عدالتي فيصلي بعد جوابدار عدالت مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهلڪارن کيس گرفتار ڪري ورتو. عدالت ايس بي سي اي جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر ڪاڪا جي ضمانت بابت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔