ڪارونجهر برقرار رکڻ سان عوام جي ڀلائي چاهيون ٿا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ڪابينه جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڪارونجھر اسان جو تاريخي اثاثو آھي، سنڌسرڪار ڪارونجھر جي تاريخي حيثيت کي ڪنھن به ريت متاثر ٿيڻ نه ڏيندي، ڪارونجھر جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۽ ايراضي کي پاڻي جي فراھمي لاءِ سنڌ سرڪار اربين رُپين جي خرچ سان ڪيترائي ننڍا ڊيم ٺاھيا آھن، حڪومت چاھي ٿي ته ڪارونجھر جي تاريخي حيثيت کي تفظ ڏيڻ سان گڏ ان علائقي جي ماڻھن جي معاشي حالت بھتر ڪئي وڃي.
ھن چيو ته ڪارونجھر اھو علائقي آھي جتان مون صوبائي اسيمبلي جي ميمبر طور پنھنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات ڪئي، ڪارونجھر ۽ ٿر جي ماڻھن سدائين پاڪستان پيپلزپارٽي تي پنھنجي اعتماد جو اظھار ڪيو آھي ۽ ووٽ ڏنا آھن.
ھن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ٿر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو بي مثال منصوبو پورو ڪيو آھي، ٿر ۾ ايئرپورٽ ٺاھيو، شاندار روڊن جو ڄار وڇايو، آر او پلانٽس لڳايا، ٿر واسين جي لاءِ رھائش، تعليم، صحت جا مرڪز ۽ معاشري ترقي جي رٿائن ۾ شموليت جا موقعا پيدا ڪيا، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ملڪي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي وارين رٿائن تي ڪم ڪندي رھي آھي ۽ عوامي خدمت جو ھي فرض اسان آئيندي به سرانجام ڏيندا رھنداسين. سنڌ ڪابينه ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي رٽائرڊ ملازمن کي به پينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي، سيسي جي گورننگ باڊي ٺاھڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي ۽ فيصلو ڪيو ويو آھي تھ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي پاليسي تحت اھڙي قسم جي سمورن گورننگ باڊيز ۾ عورتن کي به نمائندگي ڏني ويندي.
ھن چيو ته ڪابينه صوبائي فنانشل ڪميشن جي قيام جي به منظوري ڏئي ڇڏي آھي، خيرپور ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي قانونن کي ون ونڊو تحت اُڪلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، سکر ۾ انڊسٽريل ايريا جي جاءِ مخصوص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ته جيئن سکر ۾ به سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين، حيدرآباد ۾ انڊسٽريل زون ٺاھڻ لاءِ به ڪابينه ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي، پيپلزپارٽي جي سنڌ سرڪار ماڻھن جي لاءِ روزگار ۽ معاشي ترقي جا موقعا پيدا ڪرڻ چاھي ٿي.
ھن چيو ته سنڌ سرڪار اٽزم سينٽر جي قيام ۽ ٽريننگ لاءِ 70 ڪروڙ رُپيا ڏيندي، ڪابينه نين اسڪيمن جي لاءِ به فيصلا ڪيا آھن، سنڌ سرڪار جو فوڪس عوام کي سھولتن جي فراھمي تي آھي، سنڌ حڪومت سرڪاري کاتن طرفان 1980ع کان ورتل حڪومتي قرضن کي معاف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دُنيا جي تاريخ ۾ وڏي کان وڏو 21 لک بي گھر ماڻھن کي گھر ڏيڻ وارو منصوبو تيزي سان جاري آھي، اُنھن گھرن جا مالڪاڻا حق عورتن جي نالي تي ڏنا پيا وڃن، چونڊن کانپوءِ جيئن ئي پيپلزپارٽي جي حڪومت ٺھندي تھ پوري پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب بي گھر ٿيل ماڻھن کي گھر ٺاھي ڏنا ويندا، عمران خان جي پارٽي بي ماڻھن جي لاءِ گھر ٺاھڻ وارن فنڊز کي پنھنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ۽ ماڻھن کي گھر نه ڏنا، پيپلزپارٽي بي گھر عوام کي مالڪاڻا حق ڏيڻ سان گڏ گھر ٺاھي ڏئي رھي آھي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پنھنجي دور حڪومت ۾ مثالي ڪم ڪيا آھن. ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جا نوان روٽ سومر يا اڱاري کان شروع ڪيا ويندا، امن امان جي صورتحال جي لاءِ سنڌ سرڪار ۽ ادارا مڪمل الرٽ آھن. جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آدمشماري لاءِ اليڪشن ڪميشن جو واضح موقف اچي چڪو آھي ته چونڊون گذريل آدمشماري تحت ئي ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔