پير نورالحق قادري خلاف بغاوت جو ڪيس داخل

پشاور: پي ٽي آءِ جي اڳوڻي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري خلاف خيبرپختونخواهه ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس خيبر ضلعي ۾ جمرود جي علائقي شاڪس جي رهواسي 22 جون تي داخل ڪرايو. داخل ڪيل ڪيس جي ايف آءِ آر جي متن موجب پير نورالحق قادري پاڪ فوج ۽ اعليٰ عدليه خلاف غير اخلاقي لفظ استعمال ڪيو. هن شهرين کي پاڪ فوج ۽ اعليٰ عدليه خلاف ڀڙڪايو ۽ پاڪ فوج مرده باد جا نعرا لڳرايا.

واضح رهي ته نورالحق قادري هن وقت حج تي ويل آهي ان جو نالو فلائي لسٽ ۾ وڌو ويو هو جيڪو بعد ۾ ڪڍيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔