طوفان جو خطرو ٽرڻ بعد سامونڊي پٽي جي ماڻهن جي گهرن ڏانهن واپسي

سامونڊي طوفان جو خطرو ٽري وڃڻ بعد ساحلي پٽيءَ ۾ زندگي ٻيهر معمول تي اچڻ لڳي آهي، بلوچستان جا مهاڻا اڄ کان پنهنجيون سرگرميون شروع ڪري سگهندا

 سنڌ جي مهاڻن کي سڀاڻي کان سرگرميون شروع ڪرڻ جو مشورو ڏنوو يو آهي، لڏپلاڻ سبب ويران ٿي ويل ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، جوهو ۽ ٻيا شهر  ٻيهر آباد ٿيڻ لڳا آهن

رليف ڪيمپس ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ ماڻهو واپس اباڻن پڊن تي پهچڻ لڳا آهن

ڊي سي ٺٽو غلام فاروق سومرو چيو آهي ته گهرن ڏانهن واپس ٿيندڙ متاثرين کي هڪ هفتي جو راشن به ڏنو ويندو، راشن رليف ڪيمپس ۾ رجسٽر ٿيل 24 هزار متاثرين کي فراهم ڪيو ويندو، بدين، سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ ۽ سجاول جي ساحلي علائقن مان لڏي ويل ماڻهو به پنهنجن گهرن ڏانهن ورڻ لڳا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔