ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023: پاڪ ڀارت ٽاڪرو 15 آڪٽوبر تي ٿيندو: شيڊيول آءِ سي سي حوالي

نئين دهلي:ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023: پاڪ ڀارت ٽاڪرو 15 آڪٽوبر تي ٿيندو، شيڊيول آءِ سي سي حوالي ڪيو ويو، جلد جاري ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي

تفصيل موجب ڪرڪيٽ جي شوقينن جي ڳڻتي کي نظر ۾ رکندي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ هلندڙ سال ڀارت ۾ رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي شيڊيول کي قطعي شڪل ڏئي اءِ سي سي حوالي ڪري ڇڏيوآهي. ڀارتي بورڊ پاران تيار ڪيل شيڊيول تحت ورلڊ ڪپ جي شروعات هلندڙ سال 5 آڪٽوبر کان ٿيندي

افتتاحي ميچ 5 آڪٽوبر تي نريندر مودي استيڊيم ۾ دفاعي چيمپين انگليڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ۾ ٿيندي جڏهن ته ٽورنامينٽ جو فائنل 19 نومبر تي کيڏيو ويندو. شيڊيول تحت  پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ 15 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ رٿيل آهي

قومي ٽيم حيدرآباد ۾ ڪوائيلفائرٽيمن سان ميچ کيڏندي جڏهن ته بنگلور ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ سان سندس ميچ رکيا ويا آهن،قومي ٽيم جا افغانستان ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ چنائي ۽ بنگلاديش ۽ انگلينڊ خلاف ڪولڪتا ۾ رکيا ويا آهن، آءِ سي سي شيڊيول ملڻ بعد ميمبر ملڪن سان مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ امڪان آهي ته شيڊيول جلد جاري ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔