مون کي ٻيهر گرفتار ڪري سگهجي ٿو: عمران خان

اسلام آباد: عمران خان عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته مون کي ٻيهر گرفتار ڪري سگهجي ٿو.

صحافي طرفان عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته ٻڌو آهي ته اوهان جي ڊيل ٿي وئي آهي؟ ڊيل جي سوال تي عمران خان کلي چيو ته امڪان آهي ته  هاءِ ڪورٽ مان ٻاهر نڪرندي کي مون کي ٻيهر گرفتار ڪيو وڃي.

عمران خان ٻڌايو ته مون کي فون تي بشريٰ بي بي سان فون تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وئي. عدالت جي اجازت سان نيب جي آفيشل لائن تان بشريٰ بي بي کي فون ڪيو هو.

عمران خان چيو ته مون کي 100 سيڪڙو امڪان آهي ته گرفتار ڪيو ويندو، جيڪڏهن ضمانت رد ٿي ته مزاحمت نه ڪندس، جڏهن مون کي گرفتار ڪيو ويو ته عوام طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

هوڏانهن عمران خان گرفتاري جي امڪان کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ليگل ٽيم سان رابطو ڪري ورتو آهي. هن حامد خان کي چيو ته پنجاب پوليس مون کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ ٻاهر بيٺل آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته مان اوهان کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن مون کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته ساڳيو رد عمل ايندو مان نٿو چاهيان ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا ٿئي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔