القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس: عدالت عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ڏئي ڇڏيو.

نيب طرفان احتساب عدالت کان 14 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي هئي. خصوصي عدالت جي جج محمد بشير محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي 14 ڏينهن جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي 8 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيو گيسٽ هائوس پوليس لائين ۾ عمران خان خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪئي جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل علي بخاري، خواجه حارث ۽ بيرسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔