تحريڪ انصاف چيئرمين جو ايندڙ هفتي کان سڄي ملڪ ۾ جلسن جو اعلان

لاهور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي 14 مئي تي چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي هونداسين، ايندڙ هفتي کان 14 مئي تائين جلسا ڪندس.
چيف جسٽس سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پي ٽي آءِ جي ريلي زمان پارڪ کان شروع ٿي ۽ لڪشمي چوڪ ميٽرو اسٽيشن تي عمران خان پنهنجي گاڏي جي اندران ئي خطاب ڪيو.
هن چيو ته اسان تي قاتلاڻي حملا ٿيا، ڪنهن کي پرواهه ناهي، قوم جو نقصان ٿي رهيو آهي، انهن کي پرواهه ناهي، قانون جي حڪمراني لاءِ سڀ ماڻهو نڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو آئين موجب اسيمبليون ٽٽڻ کانپوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، ان تي سمورا جج ۽ وڪيل متفق آهن، وفاق، نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن گڏجي چونڊون نٿا ٿيڻ ڏين، جيستائين چونڊون نه ٿيون ٿين سک سان نه ويهنداسين.
عمران خان موجب اسان کي چيف جسٽس ڳالهين جو چيو، اسان ڳالهيون ڪيون، انهن هر قسم جو بهانو ڪيو، چيو ويو پئسو ناهي، انهن جي رڳو هڪ ئي ڪوشش آهي ته چونڊون نه ٿين.
پي ٽي آءِ چيو ته اسان رڳو چونڊون چاهيون ٿا، مان چوڻ چاهيان ٿو ته سڄي قوم چيف جسٽس سان گڏ آهي، 14 مئي تي چونڊون نه ٿيون ته روڊن تي هونداسين.
هن ايندڙ هفتي کان 14 مئي تائين سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ زمان پارڪ روانو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ريلي ختم ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔